تل ڪنڊو

تل ڪنڊو / تڙ ڪنڊو: تل ڪنڊي جو ٻوٽو شڪل ۾ ٻوهه جهڙو ٿيندو آهي، پر هن ۾ هڪ اهڙو گل نڪرندو آهي، جنهن ۾ تمام ڊگها ڪنڊا هوندا آهن. ان اندر هن جو ٻج هوندو آهي، ٿر ۾ هي تمام گهٽ ٿيندو آهي. هي خاص ڪري برسات واري موسم ۾ اڀرندو آهي. هن جا پن سنها ٿيندا آهن، عام خيال آهي ته انهن سان ٻارن کي وهنجارڻ سان ڪنهن به قسم جي بيماري وغيره نه ٿيندي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو